صفيه بنت عبدالمطلب رضي الله عنها

صفيه بنتِ عبدالمطلب رضي الله عنها: بي بي صفيه رضه نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب جي ڌيءُ هئي. صفيه جي ماءُ جو نالو هاله بنتِ وهب هو. هاله وري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي والده حضرت آمنه جي ڀيڻ هئي، ان ڪري صفيه پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي پڦي هجڻ سان گڏ ماسات به هئي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو چاچو حضرت امير حمزه رضه به هاله جو پٽ هو ۽ بي بي صفيه جو ڀاءُ هو. صفيه جي شادي حارث سان ٿي، جيڪو ابو سفيان بن حرب جو ڀاءُ هو. ان مان بي بي صفيهرضه کي هڪ پٽ ڄائو. حارث جي انتقال کانپوءِ بي بي صفيه رضه جو نڪاح بي بي خديجهرضه جي ڀاءُ عوامرضه بن خويلد سان ٿيو، جنهن مان صفيه کي حضرت زبير رضه پيدا ٿيو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پڦين مان فقط بي بي صفيه رضه کي اسلام جي سعادت نصيب ٿي. هن 73 سالن جي عمر ۾ سن 20 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو